جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه

جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه: مغل بادشاهه شاهجهان جي اولاد ۾ تخت ۽ تاج تي وڏا اختلاف هئا. دارا شڪوه ولي عهد ۽ شاهجهان جو پيارو پٽ هو، پر اورنگزيب هن سان حسد رکندو هو. ان ڪري 1067هه/1656ع ۾ جڏهن شاهجهان بيمار ٿيو ته اها ڪشمڪش اڃا به وڌي وئي ۽ نيٺ رمضان 1068هه/1657ع ۾ اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهجهان کي بيماريءَ جي حالت ۾ قيد ڪري پهرين ذوالقعد 1068هه/ 21 جولاءِ 1658ع تي پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو. بعد ۾ پيءُ تي ظلم ۽ ڀائرن کي قتل ڪري تخت تي غاصبانه قبضو ڪيائين. ان کانپوءِ عالمگير ۽ دارا شڪوه جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ دارا شڪوه کي شڪست آئي ۽ هن سنڌ ڏانهن رخ ڪيو.
دارا شڪوه، جسونت سنگهه کي پنهنجي مدد لاءِ پاڻ سان ملايو، پر ان کان اڳ ۾ ئي عالمگير جئپور جي راجا جئه سنگه کي خط لکيو ته دارا شڪوه جيئن ئي گجرات پهچي، کيس گرفتار ڪيو وڃي. راجا جئه سنگه ذاتي طور دارا شڪوه جو سخت مخالف هو. هڪ دفعي جئه سنگه رنگا رنگي ڪپڙا پائي درٻار ۾ آيو ته دارا کلندي طنزيه انداز ۾ کيس ٽوڪيندي چيو هو. اڄ ميراثين جهڙو پيو لڳين. اها ٽوڪ هن کي تمام ڏکي لڳي هئي ۽ هميشه پيو وجهه ڳوليندو هو ته پلاند وٺان. آخرڪار هن معاملي ۾ راجا جئسنگهه، جسونت سنگهه کي دارا شڪوه کان باغي ڪري وڌو ۽ جسونت سنگهه راجا جئسنگهه جي مدد سان عالمگير وٽ حاضر ٿي منصب ۽ جاگير بحال ڪرائي موٽي جوڌپور پهتو. دارا شڪوه کي جڏهن هن معاملي جي خبر پئي تڏهن پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کي جسونت سنگهه ڏانهن جوڌپور موڪليائين، پر شهزادو سپهر شڪوه نا اميد ٿي موٽي آيو. جسونت سنگهه جي بيوفائي دارا شڪوه کي مجبور ڪيو ته پنهنجي لشڪر تي ڀاڙي عالمگير سان جنگ ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ اجمير وٽ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي (11 کان 13 مارچ 1659ع) تائين لڳي، جنهن ۾ دارا کي شڪست ملي. دارا نهايت بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ڪڇ جو رڻ اُڪري، بدين کان ٿيندو ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر کان ٿيندو سيويءَ پهتو، جتي 29 رمضان 1069هه/ 10 جون 1659ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. دارا قيديءَ جي حيثيت ۾ دهليءَ پهتو، جتي اورنگزيب جي حڪم تي دارا جو مٿو اگهاڙو ڪري ٻانهون پٺيءَ پويان ٻڌي، هاٿيءَ تي چاڙهي کيس دهليءَ جي شهر ۾ گشت ڪرايو ويو ۽ انهي ڏينهن 29 آگسٽ 1659ع تي عالمگير خلاصي درٻار ڪوٺائي دارا جي قتل جو حڪم جاري ڪيو. دارا کي پنهنجي پيءُ شاهجهان سان گڏ قيد ۾ رکيو ويو. دارا جي قتل حڪم جو ٻڌي سڄي شهر ۾ فساد جي باهه ڀڙڪي اٿي، انهن حالتن کي مد نظر رکندي عالمگير حڪم ڪيو ته دارا جو جلد از جلد سر قلم ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ جلد دارا جو سر قلم ڪيو ويو. جئسنگهه ۽ جسونت سنگهه ٻنهي ملي دارا کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي دارا جو تعاقب ڪندا اچي نصرپور رسيا، اتان کان هالا ۽ پوءِ بکر وٽ رسيا، جتي کين جيئن ئي دارا جي گرفتاري جي خبر ملي، ٻئي تيزيءَ سان سيريءَ ڏانهن روانا ٿيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو